جي ايم سيد ڪي ڪهاني

جي ايم سيد ڪي ڪهاني

جي ايم سيد ڪي ڪهاني

جي. ايم. سيد ڪي ڪهاني (ڪتاب): اردو جي نامور صحافي ظهير احمد، سنڌ جي عظيم رهنما جي. ايم. سيد جي خاندان، زندگي، سياسي سفر، فڪري جانشينن ۽ جي. ايم. سيد جي زندگيءَ جي آخري مشن بابت هيءُ اردوءَ ۾ ڪتاب لکيو آهي. ظهير احمد نظرياتي طرح جي. ايم. سيد جو مخالف رهيو آهي، پر جڏهن پهريون ڀيرو هن سَن ۾ جي. ايم. سيد سان ملاقات ڪيائين ته سيد جي اخلاق، ڪردار، مهمان نوازيءَ ۽ خيالن هن کي ايڏو ته متاثر ڪيو، جو سندس شيدائي ٿي پيو ۽ ۽ مٿئين عنوان سان ڪتاب لکي ورتائين. ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ هن جي. ايم. سيد جي نظرياتي سفر جو جائزو وٺي ثابت ڪيو آهي ته حڪمرانن جو ننڍين قومن سان رويو ڇا آهي ۽ کين ڀت سان لڳائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪهڙو ڪردار آهي، ظهير احمد جي. ايم. سيد تي لکڻ جي ابتدا ئي هنن لفظن سان ڪئي آهي: ”جي. ايم. سيد سان اوهان کي هڪ لک ڀيرا اختلاف هوندا، پر اوهان هن ڳالهه کان انڪار نه ٿا ڪري سگهو ته جي. ايم. سيد اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين اسان جي پنهنجي تاريخ جو گمشده باب آهي“. هيءُ ڪتاب نيا دور پبليڪيشن، لطيف آباد حيدرآباد پاران آڪٽوبر 1987ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 20 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو